تغلق هائوس: پراڻي سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچيءَ کي، ماضيءَ ۾ سنڌ تي قابض تغلقن جي حوالي سان تغلق هائوس سان منسوب ڪيو ويو هو، جيڪا غلاميءَ جي نشاني آهي. سنڌ جي ساڃهه وندن ڪيترا ڀيرا مطالبو به ڪيو آهي ته سنڌ سيڪريٽريٽ تان ’تغلق هائوس‘ جي غلاميءَ جو طوق هٽايو وڃي، پر اڃا ان تي عمل نه ٿيو آهي .